ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ام??را?? جي هڪ ڏينهن ج?? دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عرب ام??را?? جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ج?? وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ام??را?? جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان ج?? لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب ام??را?? جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ت?? پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عرب ام??را?? جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن ج?? پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.