ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي فليگ شپ رٿا، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. رٿا سان 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪراچي ۽ ٺٽي کان شروع ٿيندڙ صنعتي انقلاب کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙيندو. پاڪستان پيپلزپارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته باقي ڳالهيون ڪندا رهن ۽ پيپلزپارٽي عمل ڪري ڏيکاريندي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڌاٻيجي ۾ پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ٿيندڙ ڌاٻيجي اسپيشل ڪنامڪ زون جي رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي جي صوبائي حڪومت اڄ هڪ وڌيڪ سنگ ميل منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ڏيڍ لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ غربت ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وز??ر جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت پارٽي خلاف هڪ سازش تحت جوڙيل مٿ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، ته اصل س??اسي پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. عوام تبديلي ??ي نالي تي ٿيندڙ تباهي به ڏسي چڪو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ان وقت به پاڪستان پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪئي وئي هئي، جڏهن صدر آصف علي زرداري پنهنجي صدارتي دور دوران هڪٻئي پويان چين جا دورا ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان وقت چيو ويندو هو ته صدر مملڪت جي دورن سان ملڪي ناڻي تي بار پوندو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جا اهي ئي اُهي دورا هئا، جن ??ي نتيجي ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي رٿا وجود ۾ آئي هئي. پي پي پي چيئرمين چيو ته پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، جنهن کي سنڌ جي عوامي حڪومت اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي–ٺٽو ڊوئيل ڪيريج وي، سنڌو درياهه تي جهرڪ پل ۽ ٿر ڪول مائيننگ جهڙيون رٿائون پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ٿيندڙ ڪامياب ۽ مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيندڙ رٿائون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ رٿائن جو دنيا اعتراف ڪري ٿي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي جو حوالو ڏيندي چيو ته صحت عامه جي سيڪٽر ۾ اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي،گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ چائيلڊ لائيف فائونڊيشن جي شراڪت سان ٻارن کي ايمرجنسي علاج جي شڪل ۾ موجود منصوبا، پاورٽي رڊڪشن پروگرام، ڪرونا وائرس وبا ۽ ٻوڏ دوران کنيل قدمن سان عوام ڪارڪردگي ڏسي ورتي آهي ۽ هاڻ اهو مڃي ورتو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪردارڪشي ڪئي ويندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن نوجوانن کي ذميداري ملندي آهي ته هو ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. هن نوجوانن ۽ واپاري برادري سوڌو سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏين. هن عوام کي خاطري ڪ??ائ?? ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽي ڪامياب ٿيندي ته هو اهڙي ئي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي جنهن طرح ان سنڌ جي صحت عامه، انفرااسٽريڪچر ۽ ترقي لاءِ قدم کنيا آهن.تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه،اطلاعات واري وز??ر شرجيل انعام ميمڻ ، مڪاني ادارن واري وز??ر سيد نا??ر حسين شاه، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن گيانچند ايسراڻي،ساجد جوکيو،ميئر ڪراچي مرتضيَ وهاب، سنڌ جي وڏي وز??ر جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر ۽ ايم پي اي علي حسن زرداري سوڌو سفارتڪارن ،اعليَ سرڪاري آفيسرن ،بزنس ڪميونٽي ??ي نمائندن ۽ شهر جي معززين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.