اسلام آباد – 19 – جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ??ند??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪ??يس?? پاران خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيوروڪ??يس?? ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ??اء?? محنت ۽ اخلاص سان ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي فراهمي ??اء?? سرڪاري عملدارن کي وقت سر فيصلا وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي بهتر اخلاق ۽ انڪساري جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪ??يس?? کي نظام بهتر بڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاسازي جي ??اء?? آفيسر پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪن جڏهن ته عوام جي خدمتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي ??اء?? جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي پنهنجي شعبي جي جديد مهارتن سان ليس ڪن ۽ تيز رفتار ترقي جي ??اء?? ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائين.