اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزي?? شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامون??ي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرون اخت??ار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان ک?? سامون??ي طوفان سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامون??ي طوفان سبب بدين ۽ ٺٽي کي خطرو آهي، ڪراچي شهر ۾ طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو ک?? سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حف??ظتي تدبيرون اخت??ار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامون??ي طوفان سان بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.