سال 2022ع دوران ٻوڏ سان 14 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي: اقتصادي سروي

image

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سال 2022ع دوران پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ آيل ٻوڏ سان 14 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جي نقصان جڏهن ته ان جي بحاليءَ لاءِ 16 ارب 30 ڪرور ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق ان سال کان هائوسنگ کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو 5 ارب 6 ڪروڙ ڊالر، زراعت، خوراڪ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کي 3 ارب 7 ڪروڙ ڊالر، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات کي 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبي جي تعمير ۽ نئين سر بحاليءَ لاءِ 5 ارب ڊالر جڏهن ته خوراڪ ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ 4 ارب ڊالر، هائوسنگ لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado
متعلقہ مضامین
مزید خبریں