اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سياست بدران رياست کي ترجيح ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي ۽ زراعت تي خاص توجهه ڏني ويندي، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن جي نَون ذريعن ۽ وسيلن کي تلاش ڪيو ويندو. حڪومتي قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. حڪومت 5 ايز (ايڪسپورٽ، ايڪوئٽي، انرجي، امپاورمنٽ ۽ انوائرمينٽ) کي ترجيح ڏئي رهي آهي، حڪومت جي ترجيح آهي ته معيشت مستحڪم ٿئي ۽ اؤسر جي بنياد پائيدار هجي، ٿري ايز کان پوءِ هاڻ 5 ايز پاليسيءَ تي آئينده جو روڊ ميپ بڻايو آهي. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن وقت ملڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. گذڙيل ساڍن چئن سالن ۾ ملڪ جي 24هين وڏي معيشت کي 47هين معيشت بڻايو ويو. 18-2017ع ۾ پاڪستان جي گروپ 20 ۾ شموليت جون ڳالهيون جاري هيون، اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جي معيشت هيٺ هلي وئي، ملڪ کي ٻيهر دنيا جي وڏين معيشتن ۾ آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان سان گڏوگڏ نه صرف پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻي آهي بلڪ بيروني ادائگين کي به يقيني بڻائڻو آهي. انهن مشڪلن جو سمورن شراڪتدارن جي تعاون سان حل ڪڍنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ٽيم مسلسل محنت ڪئي ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو نه صرف گهٽ ٿيو بلڪ هي فاضل ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رهندو، اسان جي معيشت ۾ گنجائش ۽ جان آهي، اسان کي اميد آهي ته اسان 99ع ۽ 13ع وانگر ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان سمورا فني معاملا مڪمل آهن، پاڪستان نائين جائزي تحت سمورا اڳواٽ قدم ڪري ورتا آهن، اسان ان پوزيشن ۾ آهيون جو ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي، اسان جي اها به ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام کي مڪمل ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت جي واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان مشڪل فيصلا ڪيا جنهن جي اسان سياسي قيمت به ادا ڪئي آهي پر اسان جي لاءِ سياست کان رياست اهم آهي، اسان بجلي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جا دليراڻه فيصلا ڪيا پر ان سان گڏوگڏ جامع ۽ پائيدار معيشت طرف اسان کي وڃڻو آهي، ان سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته 13ع ۾ اسان اسٽاڪ مارڪيٽن جو انضمام ڪيو جنهن سان 13ع کان 18ع دوران انڊيڪس 19 هزارن پوائنٽس کان وڌي 50 هزار پوائنٽس کان مٿي ويو، اسان جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 100 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي جيڪا ڊي ويلو ايشن ۽ گذريل حڪومت جي خراب ڪارڪردگي سان 25 ارب ڊالر تائين ڪِري پئي. هن چيو ته جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته معيشت جا سمورا اهڃاڻ زوال طرف وڃي رهيا هئا، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جا کاتا ۽ واپاري خساري ۾ نمايان اضافو ٿيو، اسان جيڪڏهن حڪومت نه سنڀاليون ها ته خدانخواسته پاڪستان ڏيوالو ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 6.4 ارب ڊالرن جي گهٽتائي اچي وئي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته پروپيگنڊا تي توجهه ڏيڻ بدران اسان کي پنهنجي معيشت تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت معيشت ۾ زوال جي عمل کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اسان کي ان معيشت کي مٿي کڻي وڃڻو آهي. گذريل حڪومت جي ڊي پي جي اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو ٻُڌائي رهي هئي پر حقيقت اها آهي ته پهرين سال ڪاٽو اؤسر بعد بيس کي تبديل ڪيو ويو جنهن سان اهڃاڻن تي فرق پيو. 18ع ۾ مالي خسارو 5.7 سيڪڙو هو جيڪو گذريل حڪومت جي دؤر ۾ 7.9 سيڪڙو تي پهتو، حالانڪ اسان جي اڳوڻي حڪومت ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشنز لاءِ مالي وسيلا به فراهم ڪيا هئا. گذريل حڪومت واپاري خسارو وڌائي ڇڏيو، پاليسي ريٽ کي 6.1 مان وڌائي 14 سيڪڙو تائين پهچايو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ سراسري ماهوار گردشي قرض 330 ارب رپيا هئا، اسان جي اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ اهي 129 ارب رپيا ماهوار هئا، اڳوڻي حڪومت 2467 ارب رپين جو گردشي قرض ڇڏيو، اهڙيءَ طرح 18ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جو ڳاڻيٽو 18ع ۾ 3.7 سيڪڙو هو جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت 13.9 سيڪڙو جي سطح تي پهچايو. مجموعي طور تي ان قرض کي 25 هزار ارب رپين مان وڌائي 49 هزار ارب رپيا ڪيو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ قرضن ۾ مجموعي طور 97 سيڪڙو اضافو ٿيو. پاليسي ريٽ وڌائڻ سان به قرضن ۾ 7 هزار رپين جو اضافو ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي ٽوڙڻ جي صورت ۾ ٺوڪي ڇڏيو ۽ انهن قدمن سان بين الاقوامي ادارن ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن پاڪستان کي به متاثر ڪيو، ان سان گڏ گذريل سال تاريخ جي بدترين ٻوڏ پاڪستان کي تقريبن 30 ارب ڊالرن جو نقصان ڏنو. حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. شروعاتي طور چئن سالن ۾ 15 ارب ڊالرن جو ڪاٿو آهي، جنهن ۾ اڌ حصو پاڪستان جي حڪومت ۽ باقي فنڊز دوست ملڪن ۽ ٻه طرفي گهڻ رُخي شراڪتدار فراهم ڪيا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جاري مالي سال ۾ ڪفايت شعاري جا قدم کنيا، غير هدفي زرتلافين کي ختم ڪيو ويو، سمورن پرڏيهي بقايائن ۽ ذميدارين جي وقت تي ادائگيءَ کي يقيني بڻايو ويو. امپورٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن کي ترجيح ڏني وئي، ان سان گڏوگڏ روانگي واپار تي به ڀرپور توجهه ڏنو ويو، الحمدلله ليٽر آف ڪريڊٽ جا 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي چڪا آهن. مانيٽرنگ پاليسيءَ کي سخت ڪيو ويو آهي، پر ناڻي اؤسر جي تناظر ۾ اهو ڪرڻ ضروري هو. مان هميشه کان ڊي ويلو ايشن خلاف آهيان ڇاڪاڻ ته رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ميڊيا کي عوام ۾ آگاهي ڏيارڻ جي ضرورت آهي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي غير ضروري طور تي ڊالر ۽ سون خريدڻ گهرجي، بلوم برگ جي رپورٽ مطابق پاڪستان جو رپيو انڊر ويليو آهي ۽ـ ان وقت به ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي حقيقي قدر 244 رپين جي لڳ ڀڳ آهي. 40 کان 45 رپين تائين جو خلا مصنوعي آهي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي مفاد کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مشڪل حالتن باوجود اسان ڪمرشل بئنڪن کي 5.5 ارب ڊالر ۽ بانڊز جي ميچيورٽي جي صورت ۾ هڪ ارب ڊالرن جي ادائگي ڪئي آهي. ڊسمبر جي ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي قرضن ۾ 4 ملين ڊالرن جي ويجهو گهٽتائي ٿي هئي، اسان سمورن پرڏيهي ادائگين کي يقيني بنايو آهي ۽ ملڪ ڊيفالٽ نه ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته سماجي تحفظ ۽ معاشري جي معاشي طور ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 400 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ان سان گڏوگڏ فائدو حاصل ڪندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان پيڪيج تحت 75 ارب رپين جو رليف فراهم ڪيو ويو، ڪسان پيڪيج تحت 2 هزار ارب رپين جو اعلان ڪيو ويو جنهن مان 1750 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن. ان سان ملڪ جي زرعي پيداوار تي مثبت اثر پيا آهن. حڪومت اسلامي فنانسنگ ۽ بئنڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ به سنجيده آهي. اسلامي فنانسنگ جي تحت هڪ ۽ ٽن سالن جي مُدي جي اجاره جاري ڪئي وئي آهي. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جون اپيلون واپس ورتيون ويون. هن وقت ملڪ ۾ اسلامي بئنڪاري جو ڳاڻيٽو 21 سيڪڙو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ايران، افغانستان ۽ روس سان بارٽر واپار جي شروعات ڪئي وئي آهي، اسان واپار ۾ اضافو ٿيندو. وڌيڪ ملڪن سان به اهڙيءَ طرح جا معاهدا ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته سمورن مشڪلاتن ۽ چئلينجن باوجود معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي. جاري مالي سال ۾ جي ڊي پي جي شرح اؤسر 0.29 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مالي سال لاءِ هي هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ بهتري آئي آهي. جولاءِ کان مئي تائين صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 29.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪور انفليشن جي شرح شهري علائقن ۾ 16 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 20 سيڪڙو آهي جنهن جي سراسر 18 سيڪڙو بڻجي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جاري مالي سال دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، امپورٽ ۾ گهٽتائيءَ باوجود جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آر 6210 ارب رپيا محصول گڏ ڪيا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهن. نئين مالي سال ۾ ايف بي آر ۾ سڌارا ۽ بهتريءَ جو عمل جاري رهندو، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ڪئي ويندي. 31 مارچ تائين ايف بي آر 7 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙن جو هدف مقرر ڪيو هو جيڪو 9 لک 12392 تائين پهچي ويو آهي. پرائمري بيلنس ۾ بهتري آئي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خساري ۾ 76 سيڪڙو تائين بهتري آئي آهي. گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 13.7 ارب ڊالر هو جيڪو جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ 3.2 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي ويو. مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ امپورٽ 51.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال جي ان مُدي دوران 72.3 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽ آهي. روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هن حڪومت اهي سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا جيڪي رياست لاءِ ضروري هئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو جنهن سياست بدران رياست کي ترجيحي ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاريءَ کي هٿي ڏني ويندي، زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين آندو وڃي، محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا، ان سان گڏوگڏ 1100 ارب رپين جي لڳ ڀڳ ترقياتي بجيٽ به ڏنو پيو وڃي، ماحول دوست توانائي به اسان جي ترجيح آهي. 2030ع تائين مجموعي توانائيءَ ۾ گرين انرجي جو حصو 30 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي، ان سان توانائيءَ جي بل ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين بچت ٿيندي. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي جي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ گنجائش مطابق اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ميثاقِ معيشت تي ڳالهيون چونڊن کان پوءِ ٿينديون.