وزير مريم اورنگزيب پاران صحافي باقر سجاد جي گهر تي حملي، فيملي کي هراسان ڪرڻ ۽ قيمتي شيون ڦرڻ جو نوٽيس، آءِ جي اسلام آباد سان ڳالهه ٻولهه

image

اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافي باقر سجاد جي گهر تي نامعلوم ماڻهن جي حملي، فيملي کي هراسان ڪرڻ ۽ قيمتي شيون ڦرڻ جو نوٽيس وٺي ورتو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آءِ جي پوليس اسلام آباد سان واقعي بابت منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، آءِ جي پوليس يقين ڏياريو ته هو ان واقعي جي ترجيحي بنيادن تي جاچ ڪندو. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي پوليس تمام جلد باقر سجاد سان رابطو ڪندو.

مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں