اسلام آباد – 18 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ?? ايران ??ارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لا??ِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پاڪست??ن ?? ايران ??رحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لا??ِ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ??رحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لا??ِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي لا??ِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان ??جلي جي ٽرانسميشن لا??ين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن لا??ين وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن لا??ين جي مڪمل ٿيڻ سان ??يران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموع?? پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.