اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني ک?? اڄ جمعي ک??ن سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 ه??ن آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپ?? آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌ?? رهي?? آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سارڪ ??ميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني ک?? جو سريلنڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.