ڪراچي-18 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا ??هن. صوبائي وزير امدادي سرگرمين بابت جاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 500 خاندا??ن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا ??هن. اهڙي طرح دادو ۾ 4000، حيدرآباد 3000، سکر 4100، ميرپورخاص 1000، جيڪب آباد 1000، لاڙڪاڻو 3510، قمبر شهدادڪوٽ 6500، خيرپور ميرس 6320، ٺٽو 2500 ۽ شڪارپور ۾ 5400 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1762669 خاندا??ن ۾ راشن بيگس فراهم ڪيا ويا ??هن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هاڻي تائين متاثرن کي 626607 خيما، 541542 پلاسٽڪ ترپال، 3273337 مڇردانيون، 803496 ليٽر منرل واٽر، 72927 جيري ڪينس، 162323 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 12176 متاثر ريليف ڪ??مپن مان گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي ويا ??هن. هن وقت رليف ڪ??مپن ۾ 195282 متاثر موجود??هن. جن ۾ 41228 ٻار ۽ 38560 عورتون شامل ??هن. رليف ڪ??مپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 785 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا ??هن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته درياء سنڌ ۾پاڻي جي سطح هيٺين سطح تي آهي. گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59900 ??يو??ڪ ۽ اخراج 52100 ??يو??ڪ آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 48300 ??يو??ڪ ۽ اخراج 29900 ??يو??ڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 74900 ۽ اخراج 45100 ??يو??ڪ آهي. صوبائي وزير چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115.5 فٽ آهي.