نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڪ??تا?? کي قرضن ۾ ريليف ڏين ڇو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سان انفراسٽرڪچر ??با??ه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل ??با??ه ٿي ويا، دنيا کي ان صورتحال ۾ اسان جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪ??تا?? رڳو پنهنجي وسيلن سان ان صورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪ??تا?? کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان اسان جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇو ته پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن کي ريليف جي ضرورت آهي پر آئون دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪ??تا?? کي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪ??تا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل ??با??ه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل طور تي ??با??ه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو آهي ته پاڪ??تا?? اڪيلو ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪ??تا?? جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هن اهڙي ??با??ي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻن ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪ??تا?? کي هن وقت وڏي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا اسان جي جيڪا مدد ڪئي ان تي ٿورا مڃون ٿا پر اسان کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ضرورت آهي. لکين ٻار بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن، بيٺل پاڻي سان وبائي مرض پکڙجي رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻارن جي غذا جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، اسان کي ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي، متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا اسان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم دنيا جي خوشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪ??تا?? کي قرضن جي ادائيگي ۾ ريليف ڏنو وڃي ڇو ته ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪ??تا?? تي قرضن جي ادائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي رهيو آهي، پاڪ??تا?? جي لاءِ اها مش??ل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي اسان مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته روس جي صدر ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي حوالي سان جائزي وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪ??تا?? روس سان ڪڻڪ جي خريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي جي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دنيا اسان جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪ??تا?? جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان کي اتحاد، يڪجهتي، مصالحت ۽ امن جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال اسان کان اخوت ۽ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي خدمت ۽ متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ضرورت آهي، اسان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان اڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دنيا هن مش??ل صورتحال ۾ اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته موسمياتي تبديلين کان اڄ اسان متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ اسان کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. پاڪ??تا?? ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.