ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪا??ا 1000 منصوبي ??ي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم ??ي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصا?? تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ??يو. وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ??يو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن ??ي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ??يو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ??يو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪا??ا 1000 منصوبي ??ي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم ??ي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم ??ي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي تعليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ??يو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.