اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقرا يونيورسٽي جي باني ۽ چيئرمين حنيد لاکاڻي جي لاڏاڻي تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته کيس پنهنجي دوست اقرا يونيورسٽي جي باني ۽ چيئرمين حنيد لاکاڻي جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جم??ل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته ??سا?? کي انهن واقعن سان اهو ياد رکڻ گهرجي ته زندگي غيريقيني ۽ ٿور?? آهي.