اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به م??اش?? واڌ کي ??رقرار رکڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيريڪ ڪوهلٽ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير آمريڪي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا ٻطرفي گهڻ رخي لاڳاپن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وفد کي ملڪ جي معيشت جي صورتحال ۽ پيش منظر کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير وفد کي مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل انتظامي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو. هن چيو ته ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، جنهن سان زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي کي ??ري طرح نقصان پهتو آهي. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي اولين ترجيح م??اش?? واڌ کي ??رقرار رکڻ آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر پنهنجي ٽيم جو تعارف ڪرايو ۽ معيشت کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مشڪل قدمن تي ناڻي واري وزير جي ڪوششن کي ??اراهيو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ ملڪ کي ??رپيش مشڪل وقت تي همدردي جو اظهار به ڪيو، هن مشڪل وقت ۾ ترقي ۽ اوسر کي ??رقرار رکڻ لاءِ ڪيل عملي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي، ٻئي پاسي ناڻي واري وزير ويان گروپ جي سي اي او ترزي گلو سان ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، هيڊ آف انويسٽر رليشنز ڪيرشاو، ويان جي ش??ئر هولڊر ميٿيو سڪولاري، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ ناڻي واري وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ويان جي سي اي او ناڻي واري وزير کي پنهنجي گروپ جي پروفائل، ويزن ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ گروپ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن گروپ کي ??رپيش مختلف مسئلن کان به ناڻي واري وزير کي ??گاهه ڪيو. ناڻي واري وزير وفد کي ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي ??هولت ڏيڻ جي ڏس ۾ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، هن ويان جي سي اي او کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزير گروپ طرفان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي به زور ڏنو.