اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بيجز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لا??ِ جشن آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر ج?? مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻ??ن جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ جي تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بيجز ۽ ٻ??ن سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لا??ِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ جي لا??ِ مختلف سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻ??ر، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لا??ِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.