اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف ??نر?? قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي چي?? سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جن??ل سرفراز علي، ڊائريڪٽر ??نر?? پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر ??نر?? امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو ??ظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي ل??ءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن ل??ءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جن??ل سرفراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف ??نر?? قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو ??ظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو ??ظهار ڪيو.