اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪي جي صح?? واري وزير ڊاڪٽر فرحتين گوجا انقره ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صح?? جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ترڪي ۾ صح?? جي نظام کي تبديل ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيندي ترڪي پاران پاڪستان ۾ صح?? جي شعبي خاص طور تي صح?? جي خدمتن، دوائون ٺاهڻ، ڊجيٽل صح?? ۽ تربيت ۽ طبي پيشيوراڻي ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ کنيل گڏيل قدمن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪي جي مخلصاڻ?? مدد جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان ۾ خطرناڪ ٻوڏ کانپوءِ مظفرڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال جي قيام کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم ترڪي پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي واکاڻ جوڳن قدمن تي ترڪي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي وبائي مرضن سبب پيدا ٿيندڙ صح?? ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ويڪسين جي تياري ۾ تعاون کي جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف صح?? بابت ترڪي – پاڪستان جوائنٽ ورڪنگ گروپ کي ٻطرفي صح?? تعاون جي مختلف رخن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٿالوجي ليبز جي قيام، پاڪستان ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ جي بهتر ڪم ۽ آٽو موبائيل ايمبولينسز سميت مختلف قدمن تي عمل ٿيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪي جي صح?? واري وزير طبي اوزارن ۽ دواسازي جي تياري، صح?? جي سياحت ۽ معيار جي ضابطي سميت صح?? جي شعبي جي مختلف رخن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ترڪي جي صح?? واري وزارت جي هڪ ٽيم ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. ترڪي جي صح?? واري وزير چيو ته هل??دڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ”پاڪ ميڊيڪا ايڪسپو اينڊ بزنس فورم“ جو انعقاد ڪيو ويندو، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صح?? جي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ذريعي متفقه شعبن ۾ تعاون کي جاري رکيو ويندو.