اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽ?? پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن ??نڊ??گ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽ?? پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ??ري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙهو ته اهو به رويي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي وزير چيو ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنه?? پارٽين وٽ مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ 62 ڪروڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پيش نه ??ري سگهي، ڀون داس 3 ڪروڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي وزير چيو ته اليڪشن جي لاءِ پارٽي ٽڪي?? جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽ?? پارليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم ??نت??ل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، 10 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ پيپلزپارٽ?? پارليامينٽرين پيپلزپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته پيپلزپارٽي جو 35 ڪروڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.