اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي روانگي واپار تي خاص ڌيان جي ڪري ڪورونا وائرس جي وب?? جي باوجود روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ممل??تي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جولاءِ کان آڪٽوبر روانگي واپار جو ڪاٿو 9.5 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته روانگي واپار جو ڪاٿ?? گذريل سال کان 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ممل??تي وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ روانگي واپار ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي سان 2.471 ارب ڊالر رهيو. هن چيو ته 2.471 ارب ڊالر جو رڪارڊ ڪنهن به آڪٽوبر جي مهيني جو سڀ کان بلند رڪارڊ آهي.