اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر موذي مرض آهي هر سا?? هزارين عورتون وقت سر سڃاڻپ ۽ آگاهي نه هجڻ جي ڪري پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويهنديون آهن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته ان مرض جي علامت جي باري ۾ ڄاڻين. ڇاتي جي ڪين??ر جي آگاهي مهم جي مناسبت سا?? پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڇاتي يا ان جي پاسي ۾ ڦرڙي يا ڪنهن به قسم جي غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ فورن سا?? ڊاڪٽر سا?? رابطو ڪيو، بيگم ثمينه علوي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڇاتي جي ڪين??ر جي باري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ??رڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته صحتمند زندگي لاءِ وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي.