اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرري?? خ??بو ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صد?? چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائونسل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، وا??ح رهي ته ايوان صد?? جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊ??ڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صد?? جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊ??ڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن اخلاق جي اه??يت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.