اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سوشل مي??يا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، مي??يا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ مي??يا ورڪرز جي حقن کانسواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم جي لاءِ تيار آهيون، حڪومت ميديا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن مي??يا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، پي ايم ڊي اي بابت خدشا ختم ڪيا ويندا، حڪومت کي مي??يا ورڪرز سدائين گڏ بيهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته هن وقت مي??يا کي ڊيل ڪندڙ سمورا قانون ڊيجيٽل مي??يا جي انقلاب کان اڳ تيار ٿيا، پيمرا جو قانون 2002ع م ان وقت ٺهيو جڏهن ڊيجيٽل مي??يا موجود نه هئي. هن چيو ته 7 ريگيوليٽري باڊيز مي??يا ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ نيوز پيپرز ايمپلائيز بابت امپلي مينٽيشن ٽربيونل شامل آهن. هن چيو ته سوشل ميديا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، د??شت??ردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جو اٽڪل 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، اسان 80 هزار جانيون قربان ڪيون، ان جي باوجود اسان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهيون. هن چيو ته مي??يا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ مي??يا ورڪرز جي حقن کانسواءِ اسان ڪنهن به قسم جي ترميم لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان مي??يا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان 5 ملڪن جي قانونن جي اسٽڊي ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مي??يا ورڪرز کان فورسڊ ليبر وانگر ڪم ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته انهن کي ڪانٽريڪٽ تائين نه ٿو ڏنو وڃي. ڊي ايس ??ين جي جي ڊرائيورز ۽ ??ين ايل ايز وٽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪو رستو موجود نه آهي، اسان مي??يا ادارن کي 75 ڪروڙ رپين جي ادائيگيون ڪيون پر ان جي باوجود اهي پنهنجي ورڪرز کي پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت کي مي??يا ورڪرز سان گڏ بيهڻو پوندو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي ??ي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم جي نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي آر آءِ يو جي جي وفد اطلاعات و??ري وفاقي وزير کي مي??يا ورڪرز جي حقن جي تحفظ جي قدمن تي پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير وفد جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. آر آئي يو جي جي وفد ۾ صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر، نائب صدر منيبه افتخار، صدر وومين جرنلسٽس پروٽيڪشن فورم فرحت فاطمه، راڻا رضوان، عثمان خان، جوائنٽ سيڪريٽريز اظهر شريف، عمر جٽ، شازيه طاهر، فنانس سيڪريٽري اياز اڪبر، ايگزيڪيوٽو ميمبر عثمان مغل، زبير خان، ناصر عباس، عثمان ملڪ، سيد ياسين هاشمي شامل هئا.