اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??ائ??جر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت ??ائ??جر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ ??ائ??جر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال ??ائ??جر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??ائ??جر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. ??ائ??جر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته ??ائ??جر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ??ائ??جر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مض??وط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. ??ائ??جر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي ??ائ??جر جي دوري جي به دعوت ڏني.