اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ 300 سيڪڙو اضافي سان گڏ پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ بڻجي ويو آهي جتي ??ين??روز ٻيلن جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان واڌ ويجهه ٿي رهي آهي، ان جي حفاظت ۽ واڌ ويجهه لاءِ وڏي انگ ۾ اتان جي پراڻن مقامي ماڻهن جي لاءِ گرين نوڪرين جا موقعا به ملي رهيا آهن. ??ين??روز جي پيداوار بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ين??روز ساحل جا قدرتي نگهبان آهن جيڪي سائيڪلون ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي کان حفاظت سميت ڪيترائي فائدا فراهم ڪندا آهن. ??ين??روز ۾ بهترين ڪاربان سنڪ به آهي جيڪا عام ??يلن جي ڪاربان کي چنئوڻ تي ذخيرو ڪندا آهن، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ ??ين??روز جي پيداوار جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، گذريل 10 سالن ۾ ??ين??روز جي پيداوار ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، بلوچستان ??ين??روز ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي 12 هزار ايڪڙ اضافي ??ين??روز پوکيا پيا وڃن، هن چيو ته انهن ??ين??روز ۾ ذخيرو ڪيل بليو ڪاربن به ڪافي آهي ۽ ان جي قيمت 2.5 بلين روپيا آهي جنهن کي بليو بانڊ جي ذريعي سرمايو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ان تي ڪم ڪري رهيو آهي، منيگروز جو تحفظ ۽ توسيع مقامي برادرين ۽ مقامي ماڻهن کي گرين روزگار فراهم ڪري رهي آهي ۽ جيڪي ان ساحلي علائقن ۾ رهن ٿا، اڄ مقامي ماڻهن جو عالمي ڏينهن به آهي، وزيراعظم جي مياڻي ۾ موجودگي انهن ڪوششن جو اعتراف آهي.