اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي اينيميشن انڊسٽري ۾ هر سال ويهوڻو اضافو ٿي رهيو آهي، گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر ??ي مارڪيٽ آهي، سال 2021ع جي آخري ۾ صرف ايني ميشن انڊسٽري 300 ارب ڊالر جو هدف عبور ڪري ويندي، پاڪستان ان ۾ 8.4 ارب ڊالر جو فيئر شيئر حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايني ميشن، گيمنگ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ برطانيه جي بو??ن موٿ يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ??ي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته بو??ن موٿ يونيورسٽي ۽ ان جو نيشنل سينٽر فار ڪميپوٽر ايني ميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ جرنلزم ۾ مهارت سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل ۽ اعليٰ ڪارڪردگي رکندڙ ا??ار?? آهي. هن چيو ته ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبي ۾ ڪمپنين جي ڪاروبار ۾ اضافو خوش آئنده آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 25 سال ۽ 40 سيڪڙو آباد 20 سال کان گهٽ عمر جي آهي، بو??ن موٿ يونيورسٽي سان حصي??ار?? سان پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا م??قعا م??ندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بو??ن موٿ يونيورسٽي سان گڏجي پاڪستاني نوجوانن ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ ٽي وي چئنلز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊجيٽل چئنلز جي تعداد ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبي ۾ ڪيترائي موقعا م??جود آهن، اسان فلم انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريز لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات واري وزير چيو ته بو??ن موٿ يونيورسٽي پاران تعاون جي فراهمي ان شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. ان کان اڳ مفاهمت جي يادداشت تي نيشنل ميڊيا يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ثمينه فرزين صحيح ڪئي. مفاهمت جي يادداشت ميڊيا، ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبن ۾ تعاون لاءِ راهه هموار ڪندي، ان موقعي تي بو??ن موٿ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته بو??ن موٿ يونيورسٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سان ان حصي??ار?? تي خوشي آهي، ان حصي??ار?? سان پاڪستاني شاگردن کي موقعا م??سر ايندا، اسان ان شعبي ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا م??تظر آهيون. مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن ??ي موقعي تي وائيس چانسلر بو??ن موٿ يونيورسٽي پروفيسر جان ويني، چيف آپرٽنگ آفيسر جم اينڊريو، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ اين سي سي اي ڊاڪٽر رچرڊ، ايف ايم سي جي سينئر ليڪچرر ڊاڪٽر ريحان ضياءُ، هيڊ آف انٽرنيشنل مارڪيٽنگ اينڊ اسٽوڊنٽ ريڪرومينٽ اينڊ ريبرڊ ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ ڊولپمينٽ مينيجر ڊاڪٽر الاسٽيئر موريس وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.