ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائ??اع??م اڪ??ڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن قائ??اع??م اڪ??ڊمي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائ??اع??م محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪ??دمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪ??ڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرو??ت تي زور ڏنو. قائ??اع??م مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائ??اع??م اڪ??ڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪ??ڊمي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪ??ڊمي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.