اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??يراعظ?? عمران خان چيو ته آئون نئين چونڊيل صدر کي جمهوريت تي عالمي ڪانفرنس گهرائ?? سان گڏ ڪرپٽ اڳواڻن پاران چوري ڪ??ل قومي دولت لڪائڻ ۽ ٽيڪس چور?? جي غيرقانوني ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.