اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ملڪن جو عالمي استحصال بند ڪيو وڃي، موجوده عالمي نظام ۾ سرمائي جي غيرمنصفاڻي ورڇ وڏو مسئلو آهي، دنيا ۾ وڌندڙ غربت سان عالمي امن کي سخت خطرا آهن، ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي تي عمل ڪندي ان تي ضابطو آندو، احساس پروگرام ??اڪستان جي تاريخ جو غربت جي خاتمي جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اعليٰ سطح جي غربت جي خاتمي بابت فورم کي خطا?? ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اقتصادي واڌويجهه ج?? شر?? ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي.