اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خا?? سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر پارٽي اڳواڻن هتي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اجلاس ۾ پارلياماني ۽ قانونسازي بابت معاملن تي بريفنگ ڏ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم وارو وزير شفقت محمود، منصوبابندي وارو وزير اسد عم??، قانون وارو وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.