اسلام آباد – 26 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون س??زي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪو??ت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکن??ڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن س??ن ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.