اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ حفاظتي سامان (پرسنيل پروٽيڪشن ايڪووپمينٽ يعني پي پي ايز) جي صحيح استعم??ل لاءِ ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز جي آن لائين تربيت جو فيصلو ڪيو آ??ي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تربيتي پروگرام ج?? شروعات وفاقي گادي واري شهر مان ڪئي پئي وڃي.