ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي سرگرمين جي رواني، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ??يندي هدايت ڪئي آه?? ته ان ڏس ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماهرن تي ??ڌل هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان صوبي ۾ ڪور??نا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.