اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمورين زميني رستن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ل??ءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پو??دو?? هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌ??ڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ ل??ءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هيلٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو وي??.