اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ?? معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، ميڊيا معيشت جي مثبت تاثر کي اجاگر ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مخالف ڌر کي پ??هنجو جمهوري حق استعمال ڪرڻ جو مڪمل حق آهي پر اهو حق ملڪي قانونن، آئين ۽ اعليٰ عدليه جي فيصلن جي روشني ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت جي ڏاڍ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ملاقات دوران ڪيو.