ڪراچي – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ ج??رل (ر) عاصم سليم باجوه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي، گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ملاقات سي پيڪ تحت سنڌ صوبي ۾ جاري منصوبن، انهن جي جلد کان جلد تڪميل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي لاءِ چيني سيڙپڪاري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي، ملاقات ۾ گ??يل دلچسپي جا ٻيا معاملا به غور هيٺ آيا.