نئين دهلي – 02 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي ناميارن ڀارتي اڳواڻن، ججن، ??يک??ن ڀارتي صدر مودي سرڪار کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي ترت بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هنن بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو اسرائيل ??ي فوجي سامان جي فراهمي ۾ پنهنجو سهڪار فوري طور معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ته اسرائيل کي پهرين کان فراهم ڪيل هٿيار نسل ڪشي يا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين لاءِ استعمال نه ٿين. خط لکندڙن ?? سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جا اڳوڻا جج، معاشي ماهر، انساني حقن جا اڳواڻ ۽ ??يک?? شامل آهن. جن ۾ ڀارتي مشهور ??يک??ه ۽ مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندڙ ارون ڌتي راءِ به شامل آهي. هنن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بچاءَ واري وزارت ڀارتي ڪمپنين طرفان اسرائيل ??ي فوجي هٿيارن ۽ گولابارود جي سپلائي جي سمورن موجوده لائسنسز جو جائزو وٺي ۽ اهي رد ڪري.