راملا -24 آڪٽوبر (اي پي پي)اسر??ئي?? جي حملن سبب غز?? پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 کان ??ڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت کاتي مطابق رات جو اسر??ئي?? جي فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي ت??ئي?? شهيد ٿيل فلسطينين جو مجموعي انگ 5 هزار کان ??ڌي ويو آهي. غز?? جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽوبر کان غز?? ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5087 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه 15273 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ امدادي قافلن کي غز?? ڏانهن اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آهي، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي امداد جي فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غز?? جي شهرين جون حياتيون امداد جي فراهمي تي ٻڌل آهن. غز?? اسر??ئي?? بحران تي گڏيل قومن جي انساني امداد جي رابطا آفيس او سي ايڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏنو آهي، خيال ڪيو پ??و وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.