اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحييٰ آفريدي جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس طور مق??ري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف ??لي زرداري جسٽس يحييٰ آفريدي جي مق??ري جي منظوري 26 آڪٽوبر کان 3 سالن جي لاءِ ڏني آهي. صدر مق??ري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي (3)، 177 ۽ 179 تحت ڏني. هن جسٽس يحييٰ آفريدي کان 26 آڪٽوبر تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي.