راولپنڊ??-15 ??ڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ?? روس وچ ۾ گڏيل فوجي مشق دروزبا-7 جي شروعات ٿي وئي آهي. اها پاڪ- روس فوجن جي دهشتگردي جي خاتمي واري شعبي ۾ ستين ٻ?? طرفي گڏيل مشق آهي. مشق ۾ ح??و وٺندڙ فوجي جٿا هڪٻئي جي گڏيل تجربن مان فائدو کڻندا. آءِ ايس پي آر موجب ٻه هفتن تائين جاري رهندڙ اهي مشقُون 13 آڪٽوبر تي نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر پبي ۾ شروع ٿيُون. ڪمانڊنٽ نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته مشقن ۾ لائٽ ڪمانڊو ٽروپس ?? روسي فوجي جٿا به شريڪ هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشقن جو مقصد گڏيل تربيت ذريعي پيشيوراڻي مهارتن ۽ دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ فوجي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ آهي.