رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وال??ري?? فلسطيني عل??ئقي ۾ فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي اسرائيلي قدمن جي پرزور مذمت ڪئي آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته وال??ري?? فلسطيني عل??ئقي جي اندر فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي لاءِ اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بي يارو مددگار لکين فلسطيني شهرين کي ضروري امداد جي فراهمي کي روڪي هڪ ڀيرو ٻيه?? اسرائيل انساني همدرديءَ جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي آهي. جن??ن جي لاءِ عالمي برادري کي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ گهرجي.