اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خا??مي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري ??هندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ??ي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ حولدار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، شهيدن جون قربانيون هر??ز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خا??مي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري ??هندي.