اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آذ??با??يجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذ??با??يجان جي سفير خضر فرحاديو سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آذ??با??يجان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ٻَڌل لاڳاپا قائم آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر اهم فورم تي حمايت ڪئي آهي. آذ??با??يجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته اسان جي ٻه طرفي واپار ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذ??با??يجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذ??با??يجان جا شڪرگذار آهيون. هن چيو ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچي ۽ باڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آهن جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين چيو ته توانا??يء?? جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آهي ته سمورن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آهي. هن چيو ته اعليٰ سطح تي پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذ??با??يجان نمايان ترقي ڪئي آهي، پاڪستان آذ??با??يجان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان جي قيام جي حوالي سان قدمن کي ساراهي ٿو. سينيٽ چيئرمين، آذ??با??يجان جي قيادت، آذ??با??يجان جي ملي مجلس جي سربراهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير خضر فرحاديو چيو ته آذ??با??يجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن، آذ??با??يجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ??وج??د آهن، جنهن سان ڀرپور فائدو کنيو ويندو.