نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڪشمير، فلسطين ۽ دهشتگردي جي مسئلن کي عالمي ??ورم تي کڻڻ تي وزيراعظم جي تعريف ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف عالمي اڳ??اڻ?? کي دهشتگردي جي معاملي تي پاڪسان سان افغانستان جي وڌندڙ مسئلن کان به آگاهه ڪيو. هن ??يو ته اسان پاڪستان جي مختلف حصن ۾ رهندڙ لکين مهاجرن کي بي مثال مدد فراهم ڪئي آهي. هن ??يو ته غير رجسٽرڊ افغان رهواسين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ گهرجي. هن ??يو ته افغان سر زمين پاڪستاني علائقن ۾ حملن ۽ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن ??يو ته ڪيترائي حساس مسئلا آهن جن کي گڏيل قومن جي فورم ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومون ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪري ٽيڪس جي ڪمزور نظام جي حوالي سان هن ??يو ته دڪاندارن ۽ زرعي شعبي کي من??سب طريقي سان ٽيڪس ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي صحيح طريقي سان ختم ڪري سگهون. عدالتي سڌارن ۽ آئيني ترميم بابت سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پارليامينٽ قانون سازي ۽ ترميمن جو سڀني کان وڏو ادارو آهي. هن ??يو ته عوام کي جلدي انصاف جي فراهمي ??اءِ قانوني سڌارا اڻٽر آهن.