اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن ۽ توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، شهيد لانس ??ائيڪ حسنين علي شاه?? جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ پو??ئي??ن سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته شهيد لانس ??ائيڪ حسنين علي شاهه عوام ۽ پاڪ ڌرتي جي تحفظ لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي. پاڪستان لانس ??ائيڪ حسنين علي شاه?? جي رت جو قرضي آهي، شهيدن جي قرباني ڪڏهن به ضايع وڃڻ نه ڏينداسين. لانس ??ائيڪ 2015ع ۾ وادي تيراه ۾ آپريشن ضرب عضب دوران شهيد ٿيو هو.