ڪوئٽا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي، ته دهشتگرد آسان هدف کي نشانو بڻائيندا آهن، اسان معصوم ماڻهن کي دهشتگر??ي جو نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. بلوچستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، بلوچستان جي حڪومت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس تي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ڏانهن موڪلي ره?? آهي جڏهن ته ??شي?? زيب انهن کي آپگهاتي بمبار بڻائي ره??و آهي. بلوچستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن جي حق ۾ ڪير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صوبائي ڪا??ين?? جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ دهشتگر??ي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ شهرين لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي ??ئي. وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ دهشتگر??ي جي تازن واقعن ۾ جهڙي ريت اضافو نظر آيو آهي، ان تي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن متحد ٿي دهشتگر??ي جي مذمت ڪئي، اڄ صوبائي ڪا??ين?? پڻ بلوچستان جي ماڻهن جي آواز کي ڏسندي نه صرف انهن واقعن جي مذمت ڪري ٿي.هن چيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد آسان هدف ڳولهين ٿا ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪن ٿا. هن چيو ته نالي ماتر جنگ جو نان ڪائنيٽڪ ريسپانس اسان سڀني دوستن تي لاڳو ٿئي ??و. ضروري آهي ته گورننس جي ماڊل کي بهتر بڻايو وڃي، اسان کي هڪ پاسي ٿيڻو آهي، جنهن سان عام بلوچن کي فائدو ملي. هن چيو ته اڳ به صوبائي ??زيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ??ئي ??ئي ته اهي حڪومت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هر وزير يا سيڪريٽري هر ضلع جو دورو ڪري ۽ صورتحال جو جائزو وٺي.