اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل جيمز اينڊ اسٽونز بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، ان شعبي جي ري اسٽرڪچرنگ ا??م معاملو آهي، جنهن جي ڏکيائين کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو، جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سا?? اڳيان وڌڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نجي شعبي جي مشاورت سا?? قيمتي پٿرن سا?? لاڳاپيل مسئلن جي ترجيحي فهرست کي حتمي صورت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ جيمز اينڊ اسٽونز ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن جو تقابلي جائزو به ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سا?? لاڳاپيل سمورن ادارن کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻو پوندو، قيمتي پٿرن لاءِ لاجسٽڪ، ڪوريئر سروسز ۽ پاڪستاني سفارتخانن جون مارڪيٽنگ تي به تجويزون غور هيٺ آهن. عبدالعليم خان چيو ته اصل مقصد تي ڌيان ڏئي جيمز اينڊ اسٽونز مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻو پوندو. وزيراعظم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان شعبي ۾ عملي ۽ واضح اڳڀرائي چاهي ٿو. جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سا?? اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان شعبي جي بهتري لاءِ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي پاليسيون جوڙڻيون آه??. ج??مز اينڊ اسٽونز هڪ هنڌ هئڻ ۽ باقاعده اسٽرڪچر ٺاهڻ تمام ضروري آهي. پيٽروليم انڊسٽري ۽ ڪامرس جي وزارتن جي آفيسرن کي آن بورڊ ورتو ويندو. چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا آن بورڊ ٿي جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ گڏيل پاليسي جوڙين. وفاقي وزر حڪومتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. عبدالعليم خان چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سا?? واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، نجي شعبو به ايندڙ ڏينهن ۾ سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي.