اسلام آباد -02 سيپ??مب?? (اي پي پي) واپار واري وف??قي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وف??قي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزي?? چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ??ن شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سفي?? چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وف??قي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وف??قي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. پاڪستان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، ??اڪ??ري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وف??قي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.