اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلع?? جي سرحدي علائقي ۾ خوار??ي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 خوار??ي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي ??ي ديوار بڻجي بيٺل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي ??ي ديوار بڻجي بيٺل آهن، دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم خوار??ي دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائيڪ عنايت خان، لانس نائيڪ عمر حيات ۽ سپاهي وقار خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن ??ي درجن جي بلندي ۽ شه??دن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي.