اسلام آباد-23 آگسٽ (اي ??ي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي ??عبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پا??ست??ن جي هوابازي جي ??نعت کي ترقي ڏيڻ جي ??والي سان وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هوابازي جي ??نعت جي ??ڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن ??ي روشني وڌي جيڪي پا??ست??ن ۾ هوابازي جي ??عبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پا??ست??ن پنهنجي ??يوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي ??جربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پا??ست??ن ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.