اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ?? باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??طا??ق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نائله ڪياني کي ويجهڙائي ۾ دنيا جي پنجين وڏي چوٽي مڪالو سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي تعليم بابت پاڪستان ۾ اعزازي سفير ، جبل چاڙهو جي شعبي جي ترقي ۽ ان حوالي سان پيشيوراڻي تربيت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته نائله ڪياني جو پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو جي حيثيت سان 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ?? باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نائله ڪياني وزيراعظم جو ملڪ ?? عورتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نائله ڪياني وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جبل چاڙهو جي شعبي ۾ خصوصي تربيت، هنر ۽ پيشيوراڻي تعليم جي حوالي سا?? تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي انه?? تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.